مضمون

عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سماج اڏڻ ۾ سندن ڪردار


اٺ مارچ سڄي دنيا ۾ عورتن جي عالمي طور ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ مان عورتون، ريليون ڪڍڻ سان گڏ ڪيتيريون ئي تقريبون ڪوٺائينديون آهن ۽ دنيا جي تاريخ ۽ قومن اندر عورتن جي حاصلات سان گڏ محرومين تي پڻ ڳالهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد سماج ۾ سندن برابري ۽ حقن جي حوالي سان شعور ڏيڻ آهي. اهو ڏينهن 1910ع کان وٺي ملهايو ويندو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن طرفان 1975ع کان هر سال اهو ڏينهن گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ سرڪاري سطح تي ملهائيندا آهن

اٺ مارچ ملهائڻ جو مقصد عورتن سان ٿيندڙ جنسي، صنفي، معاشي ۽ ٻين ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ آهي، ان سان گڏ اٺ مارچ ان ڪري به اهم آهي جو عورتون سماج جي اڏڻ ۾ اوترو ئي ڪردار ادا ڪن ٿيون جيترو مرد

دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت گهٽ آهي ۽ عورتن کي مردن برابر اجرت نه ڏيڻ شامل آهي. اهو مسئلو دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ پڻ موجود آهي، جنهن جو مثال تازو هالي ووڊ ۾ ‘مي ٽو’ جي نالي سان اٿيل تحريڪ آهي، جنهن ۾ هالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاڻ مٿان ٿيندڙ ناانصافين جا داستان کوليا پر ان سان گڏ اها تحريڪ سڄي دنيا اندر پکڙجي وئي ۽ عورتون پاڻ مٿان تٿيندڙ ظلمن تي خاموشي ٽوڙي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجا تجربا ونڊيا.

مثال طور سڄي دنيا ۾ انساني حقن ۽ عالمي طاتق جي توازن کي برقرار رکڻ جي دعويٰ ڪندڙ آمريڪي رياست نسل پرست ۽ عورت دشمن صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف وڏو مارچ ڪري رهيون آهن، سندس صنفي متڀيد وارو رويو سبب ان کان اڳ به لکين عورتون سندس خلاف ريليون ڪڍي چڪيون آهن، جيڪو آمريڪي معاشري ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي

هر سال اٺ مارچ جي ابتڙ هن ڀيري سڄي دنيا اندر هڪ تبديلي اچي رهي آهي ته عوتون پاڻ مٿان ٿيندڙ جنسي، صنفي ۽ ٻين ناانصافين خلاف اڳ کان وڌيڪ منظم انداز ۾ آواز اٿاري رهيون آهن

تاريخ جي هر د‍ؤر ۾ عورتون نئين سماج کي اڏڻ ۾ اڳيان رهيون آهن. اهو ڀلي ستين صدي ۾ اسلام جي صورت ۾ وڏي سماجي سياسي ۽ معاشي تبديلي هجي يا ارڙهين صدي ۾ فرينچ انقلاب يا روس وارو انقلاب، انهن ۾ عورتن بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ٻي مهاڀاري جنگ دوران جڏهن روسي معاشرو وڏي بحران مان گذري رهيو هو ۽ اتي خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو موت جو شڪار ٿي رهيا هئا ته عورتن 4 مارچ جي ڏينهن تي سڄي روس اندر زار حڪومت خلاف ريليون ڪڍيون. اهو عمل اڳتي هلي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ يادگار واقعو بڻجي ويو ۽ ان ريلي کانپوءِ زار راڄ جو خاتمو ٿيو، نتيجي ۾ اهڙي رياست ۽ سماج جو وجود پيو جنهن ويهين صدي جي سڄي دنيا تي اثر وڌو.

پاڪستان جتي عورتن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي رسمي طور معيشت ۾ حصو ناهن ۽ اڄ به پارليامينٽ کان ويندي نجي شعبن ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي، جڏهن ته گڏيل قومن پاران ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ عورتن جو مردن جي برابر هر شعبي ۾ هجڻ لازمي قرار ڏنل آهي. وفاقي حڪومت پاران 2013- 2014ع جي حوالي سان وفاق ۾ ملازمت ڪندڙن جا انگ اکر جاري ڪيا هئا، جنهن ۾ پهرين کان ٻاويهين گريڊ تائين جي چار لک 44 هزار 521 ملازمن مان عورتن جو انگ صرف ويهه هزار 428 هو، جڏهن ته خانگي شعبي ۾ عورتن جو انگ به ٿورو آهي، ان جي باوجود ته گذريل پندرنهن سالن دوران پاڪستان جي ورڪ فورس ۾ عورتن 50 سيڪڙو جي واڌاري سان حصو ٿيون آهن.

ان سان گڏ ڪاروڪاري، عورتن کي قبيلائي تقرارن ۾ فيصلن طور ڏيڻ ۽ ٻيون ناانصافيون هن سماج جو حصو آهن، جنهن خلاف اٺ مارچ رسمي طور ئي صحي پر کين ٻڌي ڏيکارڻ جو موقعو ملي ٿو. پاڪستان عورتن جي تعليم ۾ پٺتي پيل آهي، 24 سيڪڙو عورتون ملازمت ڪن ٿيون ۽ 75 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ خاندان عورتن کي نوڪري ڪرڻ لاءِ نٿا ڇڏين. 20 سيڪڙو کان به گهٽ پارليامينٽ، سينيٽ ۽ ٻين ادارن ۾ موجود آهن، ان جي باوجود ته ملڪ جي آبادي جو 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهن. دنيا اندر هن وقت عورتون جنهن مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، انهن منجهان هڪ اهو به آهي ته عورتن پاران گهر ۾ ٿيندڙ پورهيي کي مڃرائڻ لاءِ مختلف صورتن ۾ جدوجهد ڪري رهيون آهن،

پٽتي پيل معاشرن ۾ عورتون اڄ به پدرشاهي نظام سبب استحصال جو شڪار آهن، جنهن معاشري ۾ عورتن جي معيشت ۾ رسمي طور حصو گهٽ آهي، جيئن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ اتي عورتون گهر جو سڄو پورهيو ڪن ٿيو. مثال طور جيڪڏهن مرد گهر کان ٻاهر نوڪري ڪري رهيو آهي ته عورتون گهر جو سڄو ڪم ڪار ڪن ٿيون پر ان ڪم کي مڃتا ناهي ملي

عورتن جي حق جي ڳالهه ٿئي ٿي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪي عورتون پنهنجي حقن کان محروم آهن ۽ ڪيترين ئي ناانصافين کي منهن ڏين ٿيون ان ۾ ٻهراڙي وارن علائقن جون عورتون شامل آهن. عورتن جي دنيا اندر آبادي جو هڪ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهن ٿيون. ان سان گڏ زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جو اڌ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ زراعت واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 43 سيڪڙو عورتون آهن

سهولتن سان گڏ جيڪي صنفي اڻبرابري ۽ پدرشاهيت به سڀ کان وڌيڪ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مضبوط طريقي سان بيٺل آهي. سڄي دنيا اندر عورتن جي آبادي ڀلي اڌ کان به وڌيڪ هجي پر زمين جي مالڪي جي حوالي سان وٽن 20 سيڪڙو زمين به ناهي. ان سان گڏ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته اهو ساڳيو انگ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. انهن علائقن ۾ عورتن وٽ انفرا اسٽرڪچر، مناسب ڪم جو نه هئڻ، سماجي طور حفاظت سان گڏ ٻيون سهولتون ناهن. مثال طور سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتون مردن کان وڌيڪ ڪم ڪنديون آهن، اهي نه صرف گهر جي ڪم ڪار ۾ اڳتي هونديون آهن پر زمين تي پڻ ڪم ڪنديون آهن.

حڪومتي سطح تي ڪيتريون ئي پاليسيون جوڙيون ويون ۽ قانون به پاس ڪيا ويا پر انهن تي عمل تيستائين نه ٿيندو جيستائين عورتن کي عملي طور سماجي، سياسي ۽ معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو موقعو نه ملندو