مضمون

پاڪ_آمريڪا جا ٽريجڪ لاڳاپا


هر ماڻهو غلطيون ڪندو آهي ان ڪري چيو ويندو آهي ته انسان خطا جو گهر آهي. فرد ، ادارا به غلطيون ڪندا آهن جيتوڻيڪ ملڪن کان به غلطيون ٿينديون آهن.پر اها افسو ناڪ ڳالهه اها آهي ته ان مان هرڪو سکندو ناهي. ڪجهه ماڻهو ساڳئي غلطي هر هر پيا ڪندا آهن، جيڪي حقيقي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا آهن ۽ ڪو به حل نه ڪڍي سگهندا آهن

بريوس لي هڪ ڀيري چيو هو ته غلطيون هميشهه معاف ڪيون وينديو آهن، جيڪڏهن ڪو انهن کي مڃڻ جي جرئت رکي ٿو. ان ڪري مان اهو چوڻ چاهيان ٿي ته غلطين کي معاف ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، جنهن کي اوهان غلطي طور مڃون ٿا ۽ ان کي درست ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪيو ٿا ۽ اهو يقين ڏياريو ٿا ته اهي مستقبل ۾ ٻيهر ڪڏهن به نه ڌهرائبيون

ڪالهه ، قومي سلامتي جي صلاحڪار جنرل ناصر جنجوعا پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته ڪيئن انڊيا _ آمريڪا جو اتحاد پاڪستان ۾ تشدد ۽ بي چيني پکيڙي ٿو ۽ اسان پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جي حمايت ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري جنگ جو فيصلو ڪيو

ڪيئن هندستان ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن ڪشمير بابت هڪجهڙو موقف رکيو ۽ ڪشمير جي واڌيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حق خواريديت جي حق کي رد ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ انڪار ڪندارهيا . آمريڪا ۽ هندستان ٻئي خطي ۾ سيپيڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ خطي ۾ چين جو اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ ۽ پاڪستان جي اقتصادي خودمختياري جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ چاهن ٿا

وري ٻئي ايندڙ شيءِ جنهن بابت مان ڄاڻان ٿي ته ،آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن اهو هرهر دهرايو هو ته جيڪڏهن هو حقاني خلاف ويڙهه نه ٿا ڪن ته پاڪستان سان ٽڪراءِ جي صورت ۾ علائقو وڃائي ويهندا ۽ هو آمريڪا کي ڪوشش ڪرڻ جا الزام هڻندا. هو غلطين سان ڀريل ماضي کان نفرت ڪري ٿو. پر ڪنهن وقت تي توهان ان جي مدد نٿا ڪيو خاص ڪري جڏهن شيون ٿين ٿيون ته ان لاءِ ماضي جي ضرورتن ۽ تجزين جو جائزو وٺو، جنهن کي ڪالهه ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه به ذڪر ڪيو هو. ته پوءِ ڪرونولاجيڪل آرڊر تي آمريڪا جو هندستان سان لاڳاپي جو تجزيو ڪيو. 50جي ڏهاڪي دوران پاڪستان جي وجود جي ڪجهه سالن بعد اسان جي ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان آمريڪا جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، جتي هنن ابراهيم جي عقيدي جي ٻن نظرئين، اسلام ۽ عيسائيت جي وچ ۾ اثر ۽ هڪجهڙائي جي باري ۾ ڳالهايو. هن موجب آمريڪا سان اسان جو اتحاد فطري ٺهيو

اهو هڪ دور هو جڏهن اسان روس کي خوف ۽ صدمو ڏيڻ لاءِ آمريڪا سان لاڳاپو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪو اسان جو ويجهو پاڙيسري دوستي جو وڌيڪ حقدار هو.گهڻو دير نه ٿي هئي ته ، لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪجهه تازي آرڪائيوز موجب، آمريڪا ان جي قتل ۾ مداخلت وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملڪ کي لياقت علي خان ڏاڍي خوشگوار طريقي سان دوست قبول ڪيو. 50جي وچ واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان غفلت جي صورت ۾ آمريڪا جي عام معمولي ڊيزائين سينٽو ۽ سيٽو جو حصو بڻجي ويو ، جيڪو رسمي طور تي اسان لاءِ آمريڪي دفاعي امداد وٺڻ لاءِ جوڙيو ويو. پر اڪثر اهو دليل ڏنو ويندو آهي ته غير اتحادي ۽ غير جانبدار رهڻ پاڪستان لاءِ بهتر آپشن ٿيندو

پر ان جي باوجود، 1962ع ۾ جڏهن انڊيا_ چين ۾ هڪجهڙائي هئي، ته چيني سپاهين 2 هفتن کان گهٽ عرصي ۾ ڀارتي فوجين جا حوصلا ختم ڪري ڇڏيا ، ۽ سموري ڀارت تي قبضو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. آمريڪا ، صدر ايوب خان کي چين خلاف جنگ ۾ ڀارت جي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو چيو هو ۽ نهر و تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هن کي هندستان تي حملوڪرڻ لاءِ اتساهيندو رهيو ته جيئن هو پاڪستان سان ڪشمير معاملي تي ڳالهين جي ميز تي اچن ،جيڪو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگهيو آهي

ان وقت ئي آمريڪا، هندستان کي هڪ ئي وقت ٻه جنگيون وڙهڻ کان بچايو . پوءِ ، اسان ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ لاءِ بهتر ڪوشش ڪئي. ، پر اصولن موجب، اسان آساني سان آمريڪي جي دوکي ۾ رهندا آياسين

اچو 1965ع ڏانهن، جڏهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشمير معاملي تي جنگ ختم ٿي وئي هئي. ايوب خان آمريڪا جي سفير سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ ضروري مدد لاءِ چيو. ان نازڪ صورتحال ۾جڏهن انهن جو ويجهو اتحاد ڪنهن به معني خيز حمايت بدران خطرناڪ هيو. آمريڪي سفير ، ايوب خان سان سنجيدگي سان ڳالهائڻ شروع ڪندي چيوته او صدر ،هندستان اوهان کي ڳلي کان پڪڙيو آهي ،ڪو به قابل ذڪر سهڪار نه ڪيو ويو ۽ اسان اڪيلو رهڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي بچائي رهيا هئاسين

ڇهن سالن بعد، 16 دسمبر 1971 تي اوڀر بنگال وڃائي ويٺاسين اهو اسان جي تاريخ جو المناڪ ڏينهن هو. ان وقت به اسان جي ڊگهي وقت کان قابل اعتبار دوست به مايوس ڪيو هو. اوڀر پاڪستان جي بحران دوران ، آمريڪي ميڊيا پاڪستان کي هڪ مڪمل ولن ( villain)۽ ڀارت کي بهادري جي خطاب سان چمڪندڙ آرمور ( armour) طور ڏيکاريندي رهي. آمريڪي صدر نڪسن ، پنهنجي اتحادي پاڪستان کي ضرورت جي وقت مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ ان بدران اوڀر بنگال ۾ فوجي ڪارروائي ڪرڻ کي اسان جي فوج تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ۽ جنرل يحيٰ خان تي 3 ڊسمبر 1971 تي شروع ٿيل جنگ جي ڏهين ڏينهن مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. اندرا گانڌي آمريڪا جو دورو ڪيو ۽ نڪسن پنهنجي فوج وچ اوڀر ۾ پنهنجي سرحدي لائين تي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي حڪومت وچ ۾ ڳالهين جي حل کي نڪسن جي ڪوششن سان مڪمل طور تي هندستان بي فائدو بڻايو

5 ڊسمبر 1971 ع تي گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪونسل ۾ ، آمريڪي سفير جيورج بش چيو ته ڀارت واضع طور تي وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ هيو پر هو پنهنجي پراڻي اتحادي جي خاتمي خلاف جارحيت جي عمل ۾ نه هو. جيڪڏهن آمريڪا سنجيدگي سان ٻڏندڙ بحران مان پاڪستان کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ها ته هندستان مسلم بنگال کي خوف سبب ڇهي به نه ها

ان ڏهائي جي آخر ۾ جڏهن روس 1979 ۾ افغانستان تي حملو ڪيو ته پاڪستان، آمريڪا سان اتحاد ڪرڻ جو فيصلو ڪميونسٽ خطري کي هڪ ڀيرو ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو. جيئن ئي اهو خطرو ختم ٿي ويو ۽ روس تباهه ٿي ويو ته آمريڪا اسان کي افغانستان ۾ ڊرگ ( Drugs) ۽ هٿيارن جي ٻٽي جنگ ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ اسان تي غيرقانوني ائٽمي هٿيارن جي تياري جون پابنديون لڳايون ويون ، اسان جو مقصد هندستان طرفان ڪنهن به حملي کي منهن ڏيڻ جو تحفظ هو. تنهن ڪري هڪ ملڪ لاءِ جنهن جي بنيادي وڏڙن جي اخلاقي برابري کي گذريل ڏهاڪن کان افغانستان جي پراڪسي جنگ ۾ ويڙهائي ساراهيو پيو وڃي

ايندڙ ڏهاڪي طرف وڌڻ کان ٿڪائيندڙ، 1999 ۾ آمريڪا ان روايت کي برقرار رکندي ، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان ڪشمير جو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ غلط واعدا ڪري دوکو ڏنو ، تنهن ڪري اسان کي ڪارگل جي ميدان جي ٽروپس کي ياد رکڻ گهرجي ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر هندستان جي چهري کي بچائڻ لاءِ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي

پر اسان اڃا تائين ناقابل بيوقوف بڻجندي سبق ناهي سکيو. نائين اليون جي حملن بعد اسان آمريڪا تي اعتبار ۽ سندس حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو مان اوهان کي ياد ڏياريندي هلان ته ڪيئن عمران خان ، آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان تي پوندڙ ممڪن اثرن بغير رياست کي اڳتي قدم وڌرايو ۽ آخر ۾ مشرف سان گڏجي ٻئ جي جنگ کي پنهنجو ڪرڻ واري فيصلي کان ٻاهر ڪڍيو.کيس خدشن بغير ان کي ٻڌو ويو ۽ هڪ پاڳل ماڻهو جي اجاين خواهشن کي نظر انداز نه ڪيو ويو

هڪ ويڊيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي وائرل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صحافي وجاهت سعيد خان ، 3 سال اڳ 16 دسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي ٿيل واقعي بابت ڊيٽا گڏ ڪري رهيو آهي ، انهن افغاني دهشتگردن کي هندستان رهنمائي ۽ هدايتون ڏنيون.

مان سوچان ٿي ته ڪيئن آمريڪا بمبئي ۽ اڙي حملن تي فيرور (furore) اٿاريو هو. آمريڪا اسان لاءِ پريشاني سان ڀريل هو ۽ فوري طور تي پاڪستان کي چيو ته سندس حڪم مڃيو ۽ اسان جي سزمين کي هندستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيو. پر ان حملن ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا سندن وٽ زيرو سيڪڙو به ثبوت موجود ناهن. جيتوڻيڪ اي پي ايس ۾ ٿيل بزدلاڻي دهشتگردي واري حملي خلاف آمريڪا جا هندستان جهڙا ساڳيامطالبا۽ مذمتي بيان نه هئا، ان جي باوجود هندستان جي ملوث هجڻ بابت قابل اعتبار ثبوت آن دي ريڪارڊ موجود آهن

رسول الله صلي الله عليهه وآله وسلم چيو ته :مومن پاڻ کي هڪ ئي سوراخ مان ٻه ڀيرا پار ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏئي. (بخاري)

هڪ مسلمان کي پنهنجي غلطين مان سکڻ جي ضرورت هوندي آهي.، پنهنجي ناڪامين تي تجزيو ڪرڻ ۽ ڪردار ۾ ڪا غلطي دهرائي ٿو ته ان کي احتياط ڪرڻ گهرجي. هڪ ڀيرو فرد ۽ گروهه اسان سان برو رويو اختيار ڪن ٿا ته اسان کي ٻيهر ان جو نشانو نه بڻجڻ گهرجي، اهو صرف اسانجو پنهنجو ذاتي تجربو ناهي جنهن مان اسان کي سکڻ گهرجي، پر مسلم امت جي تجربي ۽ الله تعاليٰ طرفان جيڪا هدايت ملي آهي، اها دوستن لاءِ به ضروري آهي.الله کانسواءِ ڪير به بهتر نٿو ڄاڻي، جيڪو اسان جي دلين ۾ تخليق ٿيل آهي ، تنهنڪري هڪ سمجهدار ماڻهو الله تعاليءِ طرفان ڏنل صلاح تي ڌيان ڏيڻ سان نقصان کان بچي سگهي ٿو.

اهو سڀ ڄاڻيندي به اسان ڪيترائي ڀيرا لڳاتار دوکا کائڻ ۽ پوئتي هٽڻ جي باوجود آمريڪا تي هر ڀيري جيان اعتبار ڪندا آهيون. اسان جي جمهوري طريقي سان چونڊيل نمائندن جهڙوڪ بينطير ، نواز شريف ۽ زرداري پاڪستان ۾ طاقتور رهڻ لاءِ آمريڪا جي حمايت تي زور ڏنو آهي ۽ هر وقت مڪمل طور تي هيلم ايٽ هوم ( Helm at home) جي اڀرندي آمريڪا جا شڪرگذار رهندا آهن

سوال اهو آهي ته اسان ائين ڇو ڪندا آهيون؟ اسان پنهنجي غلط فيصلن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪندا آهيون؟ اسين ڪنهن ٻئي تي اعتبار ڪرڻ کان پهرين ان جي اصل ارادن کي ڇو نه ڏسندا آهيون؟

ڇا اسان هڪ قوم وانگر چريا آهيون؟ ڇا اسين آمريڪا سان آبسيسڊ ( Obsessed) آهيون؟ ڇا اسان آمريڪا سان وڌيڪ پيار ڪندا آهيون يا اسان کي پنهنجي پاليسي ٺاهيندڙن جيان نٽس آهن جيڪي هر شيءِ هر وقت آنن جي ساڳئي ئي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون؟ ڇا اسان پاڻمرادو آپگهات پنهنجي پيرن تي گولي هڻڻ سان محبت ڪندا آهيون ؟ ڇا اسين ايترا ٻين جي سنجيدگي ۽اعتماد تي ٻڌل آهيون جو هر ڀيري انهن جي ٽريپ ۾ آساني سان ڦاسي وڃون ٿا؟ ڇا اسان ٻين جون غيرجانبدار صلاحون قبول ڪرڻ يا اميد پرستي کان متاثر نه آهيون

ڇا اسان کي ساڳئي غلطي ٻيهر ورجائڻ ۽ ان تي نظر ثاني ڪري ان مان سکڻ جي گهٽ صلاحيت آهي؟ يا اسين اهوپوري ارادي ۽ مقصد سان ٻيهر ورجائڻ لاءِ ڪندا آهيون؟ اهي مختلف سوال آهن جن جو صرف وقت ئي جواب ڏيندو

ڇا اسان کي ساڳئي غلطي ٻيهر ورجائڻ ۽ ان تي نظر ثاني ڪري ان مان سکڻ جي گهٽ صلاحيت آهي؟ يا اسين اهوپوري ارادي ۽ مقصد سان ٻيهر ورجائڻ لاءِ ڪندا آهيون؟ اهي مختلف سوال آهن جن جو صرف وقت ئي جواب ڏيندو


Pakistan USA Pak-US Cold War Diplomacy South Asia