آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن پاران شام ۾ گذريل هفتي مبينا ڪيميائي حملي جي جواب ۾ دمشق ۽ هوم شهرن مٿان ميزائل حملا ڪيا. حملي کانپوءِ آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته ميزائل حملي سان شامي حڪومت جي ڪيميائي هٿيار ٺاهڻ واري صلاحيت گهڻي حد تائين متاثر ٿي آهي
آمريڪا ۽ سندس اتحادين شام مٿان اهو چئي حملو ڪيو ته ان سان بشار الاسد جي حڪومت جي ڪيميائي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڪيميائي هٿيار ٺاهڻ ۽ ان جي استعمال کان روڪڻ آهي. ميزائل حملي وقت انهن علائقن ۾ ايراني ۽ روسي فوجي دستا پڻ موجود هئا پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي هان ته عالمي جنگ لڳڻ جا امڪان پيدا ٿين ها
شام ۽ روس پاران شام ۾ ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيو قرار ڏيندي ان کي حملي ڪرڻ جو بهانو ڪوٺيو. شام جي حڪومت جو چوڻ آهي ته سندن سائنس تي تحقيق ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو ويو. روس جي صدر پيوٽن پڻ حملي کي عالمي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن شام مٿان ٻيهر حملي ڪرڻ جي غلطي ڪئي وئي ته دنيا اندر تباهي پکڙجي سگهي ٿي
شام مٿان آمريڪي حملي کانپوءِ ملڪ ۾ گهرو جنگ اڃان وڌيڪ ڀڙڪندي ۽ شام جي سياسي حل ۾ پڻ رنڊڪون اينديون. ان حملي کانپوءِ عالمي سطح تي ورهايل طاقتن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پڻ پيدا ٿي وئي آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن آمريڪا ۽ سندس اتحادين شام مٿان ڪا وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ته روس ۽ ايران به ان جنگ ۾ آمريڪا خلاف سخت ردعمل ڏيکاري سگهن ٿا، جنهن سان عالمي امن کي وڌيڪ خطرو آهي
گذريل ست سالن کان شام گهرو ويڙهه جو شڪار آهي، جنهن دوران پنج لک کان وڌيڪ شام جا شهري مارجي ويا آهن ته لکين پناهگير بڻجي ڪيمپن ۾ رهي رهيا آهن. اها جنگ شروع ئي پرڏيهي ملڪن جي شام اندر مداخلت سان ٿي، جڏهن ته آمريڪا پاران ست سال اڳ شروع ٿيل ان جنگ ۾ ڪڏنهن سڌي ريت ته ڪڏنهن اڻ سڌي ريت حملا ڪندو رهيو آهي
عالمي قانون موجب ڪو به ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو، ان سان گڏ جيڪڏهن ڪا حڪومت پنهنجي ماڻهن جو قتل عام ڪري رهي آهي ته عالمي ڌريون ان عمل کي روڪڻ جو حق رکن ٿيون. پر اهو قدم به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مان منظوري کانسواءِ غير قانوني آهي. ان سان گڏ 1945ع کان بعد ۾ عالمي ڌريون ان قانون تي راضي هيون ته ڪو به ملڪ ٻي ملڪ کي سبق سيکارڻ يا انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو حق نٿو رکي، پر سامراجي قوتون خاص ڪري برطانيا، آمريڪا، فرانس ۽ ٻيا اولهه جا ملڪ انهن پاليسين کي برقرار رکنديون اچن پيون. جڏهن ته ٻي پاسي چين، روس ۽ ٻيا اڀرندڙ ملڪ به کين چئلينج ڪرڻ جي يا ته پوزيشن ۾ نه آهن، يا اهي پنهنجي مفادن کي نظر ۾ رکندي صرف گڏيل قومن جي حد تائين کين چئلينج ڪندا رهيا آهن
افغانستان، لبيا، عراق، يمن جي تباهي کانپوءِ جڏهن آمريڪا ۽ سندس اتحادي شام طرف وڌيا ته روس سڌي ريت شام کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ آيو، ڇاڪاڻ ته لبيا تي حملي جي وقت مزاحمت گهٽ هئڻ ڪري آمريڪا مخالف ڌرين کي نقصان پڻ پهتو هو ۽ اهي علائقا گهرو ويڙهه جي چڙهي ويا
آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا اڳ ۾ به زبردستي عالمي قانون لاڳو ڪرائڻ جي چڪر ۾ عراق، لبيا، افغانستان کي تباهه ڪري چڪا آهن. ان کي سمجهڻ لاءِ اسان ٿورو تفصيل ۾ هلنداسين ته جهڙي ريت شام جي حڪومت جي خاتمي لاءِ هن وقت ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ساڳي طريقي سان عراق ۽ لبيا مٿان حملي جو سبب به ساڳيو ڄاڻايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري اداري کي نظر انداز ڪري ٻين ملڪن مٿان حملا ڪرڻ جي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي اها پراڻي روايت آهي
سڄي دنيا ڏٺو ته عراق مٿان برطانيه، آمريڪا ۽ سندن اتحادين 2003ع ۾ اهو چئي حملو ڪيو ته صدام حسين جي حڪومت وٺ ڪيميائي هٿيار آهن، جيڪي هو سندن خلاف استعمال ڪندو، انڪري هو پنهنجي بچاءَ لاءِ عراق مٿان حملو ڪري رهيا آهن. عراق مٿان سامراجي جنگ مڙهي وئي ۽ سڄي دنيا عراق جي سماجي، سياسي معاشي تباهي پنهنجي اکين سان ڏٺي. هزارين عام ماڻهو مارجي ويا. رياست مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جنهن سان سماجي ۽ معاشي نظام به تباهه ٿيو ۽ ٻي ويٽنام مٿان آمريڪي جنگ کانپوءِ هڪ ٻي ترقي ڪندڙ ۽ هڪ متحرڪ سماج ۽ رياست کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ويڙهاڪ گروپن جنم ورتو
ڏهاڪن تائين بم ڌماڪن ۽ گهرو ويڙهه ۾ عراقي ظلم جو شڪار ٿيا ۽ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪيترا ماڻهو ماريا ويا، ان جو ڪو رڪارڊ ناهي. هزارين استادن ۽ دانشورن جو قتل عام ٿيو. جڏهن عراق مڪمل طور انارڪي ۽ سامراجي بربريت جي ور چڙهيو ته نام نهاد جمهوري ملڪن اعلان ڪيو ته کين ڪي به ڪيميائي يا بايولاجيڪل هٿيار نه مليا آهن. مطلب ته عراق مٿان برطانوي ۽ آمريڪي حملو ڪوڙ تي ٻڌل هو ته اها عالمي قانون جي پڻ کليل ڀڃڪڙي هئي. سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا سڄي دنيا مٿان اڪيلو طاقتور ملڪ ٿي اڀريو
90ع جي ڏهاڪي کانپوءِ هن سڄي دنيا ۾ نيو لبرل آرڊر لاڳو ڪرائڻ لاءِ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ذريعي دنيا مٿان پنهنجي معاشي پڪڙ کي اڃان وڌيڪ وڌايو. سڄي دنيا مٿان اولهه جو سامراجي معاشي نظام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. آءِ ايم ايف ٽئين دنيا جي ملڪن مٿان معاشي سڌارن جي نالي تي ڊڪٽيٽ ڪرڻ لڳو ۽ انهن ملڪن جون معاشي، سماجي ۽ سياسي پاليسين تي اثر انداز ٿيڻ لڳو
جيڪي ملڪ ان سامراجيت خلاف مزاحمت ڪندا رهيا پهريان ته انهن کي سافٽ پاور، يعني پروپئنگنڊا، معاشي توڙي سياسي پابندين ذريعي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جيڪڏهن ڪجهه ملڪن آمريڪا جي ان هيجيموني Hegemony کي چئلينج ڪيو ته ان خلاف جارحيت ۽ طاقت جو استعمال ڪيو ويو. لبيا، عراق جي معاملي ۾ ائين ٿيو ۽ سامراجي قوتن پهريان ميڊيا ذريعي پروپئگنڊا ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلايون
نوم چومسڪي ۽ هرمن هيس جي ميڊيا تي لکيل شاهڪار ڪتاب manufacturing consent مان به اسان ان سامراجي جنگين کي سمجهي سگهون ٿا. ڪيئن سامراجي ملڪن پنهنجا معاشي، سياسي مفادن لاءِ ميڊيا کي هڪ ٽول يا ذريعي طور استعمال ڪندا رهندا آهن. پهريان اولهه جي ميڊيا ذريعي ڪيميائي ۽ بايولاجيڪل هٿيارن جو خبرون وڌ کان وڌ هلايون ويون. ان کانپوءِ ان ڪوڙ تي ٻڌل خبرن تي وچ اوڀر جي هڪ مضبوط رياست ۽ سماج کي مٽي ۽ رت جو ڍير بڻايو ويو
جڏهن تيونس ۾ هڪ ماڻهو پاران پاڻ ساڙڻ خلاف عوام ٻاهر نڪتو ۽ بنيادي سياسي سماجي تبديلي جي گهر ڪئي ته اها باهه وانگر وچ اوڀر ۽ ٻين عرب ملڪن ڏانهن به وڌي. پر لبيا ۽ شام اندر احتجاجن جو حد کان وڌيڪ اثر ٻاهران گهرايل ‘باغين’ جي ڪري ٿيو جن کي هٿيارن سميت ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. ائين هڪ گهرو ويڙهه شروع ٿي، جنهن ۾ بعد ۾ آمريڪا ۽ ٻيا اولهه جا ملڪ به ڪاهي پيا. انهن ملڪن پاران پهريان ته نام نهاد باغين جو ساٿ ڏنو. کين جديد آٽو ميٽڪ هٿيار، گاڏيون، پيسا ۽ ٻي مدد ڪري بشار الاسد جي حڪومت خلاف گهرو جنگ شروع ڪرائي وئي. چوندا آهن ته تاريخ کان جيڪي قومون ناهن سکنديون آهن، اتي تاريخ پنهنجو پاڻ کي بدترين طريقي سان ورجائيندي رهندي آهي
اهو ئي شام ۾ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو، عراق ۽ لبيا ۾ ٿيو. پرڏيهي مداخلت نه صرف رياست جا بنياد ختم ڪري ڇڏيا. پر پوري سماج جا بکيا ئي اڊيڙي ڇڏيا. عراق ۾ اوائلي ثقافتن، مسلمان دؤر جي قديم آثار، تاريخي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون. عراقين ۽ لبيا واسين جي پوري سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. جيڪو اڃان تائين بهتر ناهي ٿي سگهيو. آمريڪا انهن مسلمان ملڪن کانسواءِ گوئٽي مالا، چلي، برازيل، بوليويا، چاڊ، وينزويلا، هيٽي سميت ٻين ملڪن ۾ پنهنجي حمايت يافته حڪومتون آڻيندو رهيو آهي ته ٻي پاسي سندس مخالفت ۾ اٿندڙ حڪومتن کي طاقت ذريعي ختم ڪيو آهي. آمريڪا، برطانيا، فرانس دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اهي هٿ ٺوڪيا جواز ڄاڻائي حڪومتون ڊاهيندا رهيا آهن
هڪ طرف گڏيل قومن جو ادارو آهي ته ٻي طرف آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي اڳرائي، جتي آمريڪا عالمي قانون جي پاسداري نٿو ڪري. شام ۾ ڪيميائي حملي جي جيستائين عالمي ڌريون دعويٰ ثابت نه ٿيون ڪن تيستائين ان سبب ڪري حملو ڪرڻ اڳرائي آهي. عالمي ادارن جي هوندي سڄي دنيا ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي. يمن، افغانستان، شام وغيرهه ۾ نه کٽندڙ جنگ شروع ٿيل آهن. گڏيل قومن جو ڪردار صرف امداد ڏيارڻ تائين محدود آهي. فلسطين، ڪشمير ۽ ٻين تاريخي مسئلن تي گڏيل قومن جا ادارا مڪمل طور بي اثر ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن بشار الاسد پنهنجي ماڻهن مٿان حملو ڪيو به آهي ته ان جا ثبوت فراهم ڪيا وڃن هان ۽ عالمي قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي، پر ٻين ملڪن مٿان حملن سان اتان جا سياسي سماجي مسئلا حل نه ٿيندا پر ان جي جڳهه تي سماج ۾ وڌيڪ انتشار پيدا ٿيندو. آمريڪا برطانيا ۽ فرانس جي به عجيب منطق آهي، ته ‘شامي ماڻهن جي تحفظ’ لاءِ مٿن وڌيڪ حملا ڪيا وڃن! ان حوالي سان پاڪستان ڪيميائي حملي جي مزمت ته ڪئي آهي پر بهتر پاليسي رکندي شام مٿان حملو ڪرڻ جي پڻ مخالفت ڪئي آهي