صحت جي نظام جو پهريون ۽ اهم ترين جزو ان جو مشن ۽ حڪمت عملي آهي . پر هلندڙ سالن ۾ ڪنهن وچڙندڙ بيمارين جي ردعمل ۾ لاڳو صحت جي پاليسي جي رجحان کي ڏٺو وڃي يا پوءِ اهي عالمي تنظيمن طرفان لاڳو ڪيون ويون هجن. پاڪستان جي نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ڪجهه خاص پروگرام جهڙوڪ هيپاٽائٽس ، ايڊز، ٽي بي مليريا، انفليونزا، انفيڪشن ڪنٽرول، اميونائيزيشن لاءِ پروگرام، بنيادي صحت، زچا بچا، چائلڊ هيلٿ پروگرام ۽ پنجاب غذائي پروگرام ( آءِ _آر_ايم_اين_سي_ ايڇ۽ اين پي ) ۽ پوليو۽ ڊينگي پروگرامن تي خاص آگاهي مهم شامل آهن
پر ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ،پاڪستان پنهنجي صحت جي پاليسي لاءِ غير واضع مقصد رکي ٿو ، هلندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان گڏيل قومن ۾ ٿيندڙ جٽادار ترقياتي هدف تي صحيحون ڪيون .جنهن جي هدف نمبر 3 تحت سٺي صحت جو خيال ۽ 2030 تائين محفوظ ۽ موثر دوائون ۽ ويڪسين تائين پهچ فراهم ڪرڻ نظر ۾ رکيو ويو. پر اهو هڪ غيرحقيقي هدف آهي جنهن کي سياسي ترجيحن، گهربل رقم خرچ ڪرڻ يا جارحاڻي طاقت سان به نٿو حاصل ڪري سگهجي
حل اهو آهي ته صحت جهڙن اهم مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ، ان کي قابل عمل هدفن ۾ ورهايو وڃي ، اثرن ۽ ماهرن جي راءِ موجب ترجيحي مسئلن جي چونڊ ڪيو ۽ مختلف علائقن جي آبادي جي ضرورتن موجب انهن کي حل ڪيو وڃي ، هر علائقي ۾ هر مسئلي لاءِ ڪاميابي جي امڪانن جو اندازو لڳائي موثر ۽ عمل درآمد علائقن لاءِ حل پيش ڪيو وڃي
پاڪستان ۾ صحت جي نطام جو بنيادي ڍانچو هڪ وڻ جهڙو آهي، جنهن جي وسيع پاڙون 3 شاخن تائين پکڙيل آهن؛ بنيادي سار سنڀال ( ڏور ڪميونٽين جي بنياد تي خدمتون) ثانوي سار سنڀال ۽ ٽئين درجي جي سارسنڀال. بنيادي سار سنڀال بنيادي صحت جي مرڪزن تي مشتمل آهي. ٻهراڙيءَ جا صحت سهولت مرڪز جيڪي ترتيبوار 25 هزار کان 10 لک جي آبادي ۽ ڊسپينسرين تي مشتمل آهي. ثانوي صحت جي سار سنڀال ( ٽي ايڇ ڪيو ۽ ڊي ايڇ ڪيو) تعلقي ۽ ضلعي جي هيڊڪوارٽر اسپتالن تي مشتمل آهن جيڪي ترتيبوار 1-0.5 ملين ۽ 3-1 ملين ماڻهن جي آبادي وارن علائقن تي مشتمل آهن . جڏهن ته ٽئين درجي جي صحت جو نظام ٽيچنگ اسپتالن ۽ خاص اسپتالن تي مشتمل آهي
موجوده 19.3 ملين آبادي سان گڏ هي نظام ٻهراڙي ۽ شهري علائقن جي آبادي تائين وڌ کان وڌ پهچ کي يقيني بڻائي ٿو.مسئلو ڪهڙو به هجي پر اهو بنيادي ڍانچي جي انفراسترڪچر جي ڪري اڀري ٿو. انهن ٽن بنيادي اسٽرڪچر جي شاخن کي گهٽ سرماياڪاري ۽ افرادي قوت مهيا ڪئي وئي آهي. صحت لاءِ مختص ڪيل بجيٽ کي غيرمنصفاڻي طريقي سان رياست جي ٽئين درجي جي هيلٿ ڪيئر سينٽرن ۽ وڏن شهرن ۾ قائم ثانوي صحت جي مرڪزن تي خرچ ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح اهي مريضن جي گهڻائي هجڻ واري صورتحال ۾ مريضن ۾عدم توازن پيدا ڪري ٿو جيڪي انهن مرڪزن ۾ڀٽڪندا رهن ٿا
مٿي ڏنل مسئلن جو حل اهو آهي ته فنڊن کي ٻيهر مختص ڪيو وڃي ،اعليٰ سطحي هيلٿ ڪيئربدران بنيادي سطح تي ڪوٽا ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. سڀني بنيادي صحت مرڪزن ، ٻهرارڙيءَ جي صحت مرڪزن ۽ ايم ايڇ ايسز (ماءَ ۽ ٻارن جي صحت جي خيال جو مرڪز) سان گڏوگڏ ٽي ايڇ ڪيوز ۽ ڊي ايڇ ڪيوز کي تبديل ڪيو وڃي خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي صحت جي سهولتن جي پهچ گهٽ هجي. ٽرٽائري ڪيئر اسپتالن جي گنجائش ماضي ۾سموري ملڪ مان ايندڙ مريضن جي اڪثريت ڪري وڌايو ويو آهي جيڪي جديد اعليٰ ۽ معياري طبي نگهباني حاصل ڪرڻ لاءِ انهن مرڪزن جو رخ ڪن ٿا. پراهوسروسز جو معيار ڪيئن حوالي ڪيو ويو.
جيڪڏهن بي ايڇ يوز ۽ آر ايڇ ايڇ سينٽر اهڙي طريقي سان تيار ڪيا وڃن جتي انهن ۾تقريبن 25 هزار کان 10 لک تائين جي فردن جي پهچ ممڪن هجي، ته پوءِ مريض ايمرجنسي کانسواءِ انهن مهيا ڪيل مرڪزن ۾ هليا ويندا. شروعاتي طورتي صحت جا مرڪز انهن نامزد مريضن جو هڪ ڊيٽا بيس رکن جيڪو علاج ۾ مدد، پيروي ۽ مثبت طبي نتيجا مهيا ڪندو.هڪڙو منصوبو پاليسزن جي غور هيٺ آهي جنهن ۾ سڀني شهرن ۾ بي ايڇ يو قائم ڪرڻ سميت ڪجهه اسپيشلائيزڊ اسپتالن جو ٺهڻ به غور هيٺ آهي. جتي مريضن کي گهربل علاج جي ضرورت ۽ نگهداشت موجب انهن جي درجابندي ڪرڻ ۾ مدد ملندي . اهڙي طرح صرف اهي مريض جن کي انتهائي نگهداشت جي ضرورت هوندي آهي انهن کي خاص اسپتالن ۾ موڪليو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجهه مريضن کي يعنيٰ او پي ڊي لوڊ کي ورهايو وڃي،اهو نه صرف بنيادي سطح تي سارسنڀال لاءِ فنڊن جي بهتر ورهاست ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر مريضن تائين پهچ کي به سولو بڻائيندو
هڪ ٻيو مسئلو تمام بنيادي سار سنڀال جي مرڪزن لاءِ ماهر ميڊيڪل ٽيمن ۽ لاڳاپيل عملي جي فراهمي به آهي، جڏهن ته انهن مرڪزن جو ٺهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائي ۾ سڪيورٽي معاملن جو به عمل داخل آهي. سرڪاري ميڊِيڪل ادارن ۾ وڏي تعداد ۾ داخلا وٺندڙ ڇوڪرين مان ڪجهه ڊگري مڪمل ڪرڻ جي بغيرڇڏي ڏينديون، ڪجهه نوجوان تعليم مڪمل ڪري ته وٺندا آهن پر کين پريڪٽس جي اجازت ناهي ملندي، جڏهن ته ڪجهه پنهنجي مرضي سان ملازمت نه ڪندا آهن. انهن مان تقريبن اڌ اهڙا هوندا آهن جيڪي اڳتي پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ تائين پهچي ويندا آهن ، پر انهن مان عورت ڊاڪٽرن کي ڏور وارن علائقن ۾ قائم آرايڇ سي ۽ بي ايڇ يو لاءِ چونڊيو و يندو آهي ته پوءِ اهي ڪڏهن سماجي ته ڪڏهن سڪيورٽي سببن ڪري ان تي عملدرآمد ناهن ڪنديون. پيشوراڻي لحاظ سان به انهن لاءِ وڌيڪ نفعي بخش هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ٻهراڙيءَ جي علائقن بدران وڏن شهرن جي ٽيچنگ اسپتالن يا خاص اسپتالن يا پوءِ ننڍن شهرن ۾ ئي رهن
پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾ ، عملي طور تي فعال افرادي قوت جو هجڻ نهايت ضروري آهي ،جيڪڏهن ميڊيڪل يونيورسٽين جي هر هڪ بيچ مان گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو گريجوئيٽ بي روزگارآهن ته پوءِ اهو ڊاڪٽرن جي گهرج ۽ فراهمي ۾ وڇوٽي پيدا ڪري ٿو جيڪو صحت جي شعبي ۾جو گروٿ ريٽ ۽ ترقي جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ اهو مسئلو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندو وڃي ٿو
سماجي طور تي ان کي پذيرائي يا مقبوليت حاصل نه آهي ، پر هن وقت هر هنڌ، هر جاءِ ۽ خاص ڪري ميڊيڪل جي شاگردن جي اضافي ڪري ڇوڪرن /ڇوڪرين جي ڪوٽا رکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪنهن به اصلاح کي فوري طور تي عدالت ۾ صنفي امتياز طور چيلينج ڪيو ويندو آهي۽ حڪم واپسي ورتو ويندو آهي . قابل عمل رستن مان صرف هڪ اهو ئي رستو بچو آهي ته داخلا جي عمل ۾ تبديلي آندي وڃي ، جتي تعليمي ڪارگردگي ، رجحان، عقل، ذهانت ۽ مستقبل جي قابل جي بنياد تي ڪئي وڃي. نه ته گريجوئيٽ شاگردن کي هڪ سيٽ برباد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مالي لحاظ کان سزائون ڏيڻ گهرجن. اهڙن ڪيسن لاءِ مناسب تحقيق جو طريقو طئي هئڻ گهرجي ۽ ان موجب سزا ڏني وڃي. ان سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي ته صرف سنجيده ۽ قابل قدر اميدوار نامزد ٿين.جيڪي مستقبل ۾ نظام جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿين . ڪنهن به ڊاڪٽرلاءِ پوسٽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ 2 سال آر ايڇ سيز/ بي ايڇ يوز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي. خاص ڊاڪٽرن ۽ عملي کي خاص سڪيورٽي ۽ اضافي خدمتن سان گڏ وڌيڪ پرڪشش پوسٽ جي بدلي اضافي مراعتن جي آڇ ڏني وڃي
حڪومت جا موجود سڀئي صحت مرڪز نظام جي سطح جي درجابندي بغير مفت دوائن جي بينر تحت ڪم ڪري رهيا آهن.اهي پهريان کان ئي محدود بجيٽ کي روڪي ٿو ۽ نه ئي مريض کي اطمينا ن جوڳي مثبت ڪلينڪن ۾پر مريض جي احتياط جي سلسلي ۾ به اهي ڪو نمايان بهتري ناهن آڻي سگهيا. مفت دوائن جي بدلي تي پوري طرح سان عملد درآمد به نه ڪيو ويو،حڪومت کي سستي دوائن جي بينر تحت ڪم ڪرڻ گهرجي.ان سان گڏ مريضن کي معياري دوائون موجوده تجارتي قيمتن کان گهٽ ڏنيون وڃن .فارميسي ماهر جيڪي دوائون ٺاهڻ واري اقتصاديات تي مهارت رکن ٿا انهن جي تعاون سان هن مسئلي کان موثر طريقي سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾مدد ملي سگهي ٿي
ان باوجود به اهو تمام ضروري آهي ته اسان دوائن ۽ اوزارن جي معاملي ۾ پاڻ اڳڀرا ٿيون، خاص طور تي جيڪي اسپتالن ۾ عام استعمال ٿينديون آهن. دوائن لاءِ خام مال ٻين ملڪن مان گهرايو ويندو آهي ۽ هن وقت هڪ به فعال جزو پاڪستان ۾ تيار نٿو ڪيو وڃي. اهو ئي معاملو سرجيڪل علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن ، نگهداشت ۽ مرض جي سڃاڻپ جي مقصد لاءِ اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سان گڏ آهي. جيستائين اهي جزا مقامي سطح تي تيار نٿا ڪيا وڃن ايستائين صحت جي سار سنڀال جي نظام کي هلائڻ واري لاڳت گهٽ نٿي ٿي سگهي
ٽن ميمبرن جي ويو پوائنٽ کي 4 ميمبرن جي ماڊل ۾ ترقي ڏئي سگهجي ٿي ، جنهن ۾ صحت جي حفاظت چوٿون ٿنڀو آهي. اهو نظام جو وسيع قسم آهي جيڪڏهن اهو شروع ڪيو ويو ته اسان جي صحت جي شعبي ۾ حيرت انگيز تبديلي ظاهر ٿي سگهي ٿي. طبعي نگهداشت مهيا ڪرڻ وارو سرڪاري اداري جو هڪ ڊائريڪٽر ،نرس، فارمسسٽ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي مشتمل هوندو آهي. پاڪستان ۾ موجوده اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جو تعداد گهٽ ماڻهن جي هجڻ ڪري اڻپورو آهي. وڌيڪ ڌيان سان عام صحت ۽ ڪميونٽي ميڊيسن،حفاظتي صحت جي شعبي ۾ پبلڪ هيلٿ ايجوڪيشن جي ذريعي سان بنيادي سطح تي اصلاح جي ضرورت آهي. اصولي طورتي فارماسسٽ ڪميونٽي فارميسي ۾ رکيا ويندا آهن ، پر هن وقت انهن گريجوئيٽ نوجوانن جو ڪردار دوائن جي اسٽور ڪيپر تائين محدود آهي. جيڪڏهن ڪميونٽي فارماسسٽ کي ٽي ايڇ ڪيوا يز سان گڏ موجوده پرائمري هيلٿ ڪيئر نظام ۾ ضم ڪيووڃي ته جئين بنيادي صحت جا مرڪز، آر ايڇ ايز، آئوٽ ريچ ۽ ڪميونٽي خدمتون . ڪموينٽي ميڊيسن ۽ عام صحت جوهڪ مناسب فعال ۽ قابل عمل نظام لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ادارن وچ ۾ سهڪار سان گڏ جيڪڏهن هي نظام مناسب طريقي سان لاڳو ڪيو وڃي ته گهڻي عرصي تائين ان سوال کان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ سمورن هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز جي تربيت آبادي مرڪزن جي نقطا نظر سان گڏ هڪ نئين زاويي سان ضروري ٿيندي،جيڪا آبادي جي سماجي، ثقافتي ۽ وڌنڌڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار هجي
صحت جي سار سنڀال سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن وٽ هڪ واضع فرض ۽ ڪم جي تفصيل هجڻ گهرجي. ان کان علاوه مناسب احتساب جو نظام جوڙڻ گهرجي. جيڪو پيشوراڻي ڪارگردگي ۽ ڪم جي طريقي سان ڳولهيو وڃي. موجوده نظام جي برعڪس ، جتي اوهان هڪ ڀيرو داخل ٿيو ته اتي اوهان ئي اوهان آهيو ۽ زمين جي ڪا به طاقت اوهان کي عهدي تان نٿي هٽائي سگهي، پر ان لاءِ اوهان اهڙي ڪارگردگي ۽ رويو رکو . ساليانو بورڊن کي منظم ڪري سگهجي ٿو۽ مريض جي راءِ کي صحت جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ايندڙ ڪامياب ڪيريئر جي امڪانن لاءِ اهم هجڻ گهرجي
هڪ اهم سار سنڀال واري ذهني صحت جي شعبي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان جي معاشري ۾ خطرناڪ حد تائين وڌنڌڙ ذهني صحت کي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ نه ئي پيشوراڻي فردن کي انهن مريضن سان منهن ڏيڻ جي قابليت ۽ تربيت ڏني ويندي آهي. اهو تمام حساس موضوع آهي جيڪو فوري طور تي لائم لائيٽ ۾ آڻڻ گهرجي. هن وقت اهو ضروري آهي ته نفسياتي علاج جي طريقي کي سڀني مريضن تائين عام ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته دوائون ذهني خرابين لاءِ فرسٽ لائين علاج ناهن
ميڊيڪل تحقيق هڪ اهڙو ميدان آهي، جتي پاڪستان پنهنجي مقامي بيمارين جي لحاظ کان باقي دنيا کان پوئتي آهي . انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن طرفان ميڊِيسن ، فارميسي، نفسيات ۽ غذائيت وغيره جي ميدان ۾ تمام گهٽ تحقيق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته عالمي تحقيق جي معيار موجب معياري ميڊيڪل تحقيق هاڻي به نه هئڻ جي برابر آهي. اها تحقيق گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ موجود تدريسي اسپتالن ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي. پر تحقيق جو دائرو سمورن ادارن ۾ وڌائڻ جي ضرورت آهي . جيڪڏهن صحت جو موجوده نظام فعال ٿي سگهي ٿو ته ، ان نظام جي سمورن ميمبرن طرفان معياري دستاويز ۽ رپورٽنگ جي طريقيڪار جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، ته جيئن خاص طور تي پنهنجي آبادي جي لحاظ کان تحقيقات ۾ حصو وٺون
پاڪستان هڪ ترقي پذير ملڪ آهي ۽ اسان جي سامهون هڪ ڊگهو رستو آهي جڏهن ته موجوده صحت جو نظام سٺي درجابندي کان پري آهي. ان جي باوجود هر شخص گهٽ ۾ گهٽ ايترو فرق آڻي سگهي ته جيئن هر طرح جي حالتن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو بهترين استعمال ڪندي پنهنجا فرض ادا ڪري . تبديلي ممڪن آهي ۽ اسان تي دارومدار ڪري ٿو ته اسان ان کي بهتر بڻايون ٿا يا بدتر.حوصلا افزائي وارو عنصر اهو آهي ته شروعاتي نقطي طور انهن مان ڪجهه منصوبا عمل هيٺ آهن ۽ ايندڙ سالن ۾ اسان اميد ٿا ڪيون ته اسان پنهنجي صحت جي نظام ۾ بهتري آڻي سگهنداسين