مضمون

!! ......پاڻي معاملو: وفاق جوصوبن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ


شروعاتي خريف ۾ پاڻي کوٽ 31 سيڪڙو مان وڌي 42 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي. پنجاب جي مطالبي تي گڊو بئراج سميت ملڪ جي سمورن بئراجن تي هيٺائين وهڪري جي صلاحڪار ۾ ڪميٽي جوڙي وئي. ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽِي ۾ وڏن ڊيمن ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي. ارسا جي صلاحڪا رڪميٽي جو اجلاس 15 مئي 2018ع تي ارسا چيئرمين ڪمال احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر پاڻي جي تازي صورتحال جو جائزو وتو ويو.

تازين برساتن کانپوءِ صوبن جي حصي ۾ واڌ ڪئي وئي. فيصلي موجب پنجاب جو پاڻي 56 سيڪڙو ڪيوسڪ مان وڌائي 64 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو، سنڌ جي حصي ۾ 12 هزار ڪيوسڪ جواضافو ڪري 43 هزار ڪيوسڪ مان 55 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو، بلوچستان جو 5 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته خيبرپختونخوا جو ساڳيو 31 هزا ڪيوسڪ برقرار رکيو ويو.پنجاب جي چيف انجنيئر واپڊا جي ڊائريڪٽر سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتي جي صلاحڪارن سنڌ جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر منگلا جي چيف انجنيئر۽ خيبر پختونخوا جي انجنيئر شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ لاءِ سنڌ ڀرپور قدم کنيو۽ سمورن ميمبرن ڊيم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته پنجاب تونسا کان ڪوٽڙي تائين وڏي پئماني تي ٿيندڙ لاسز تي اعتراض ڪيو، ۽ چيو ته اهي لاسز هڪ ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڃي پهتا آهن. لاسز جو جائزو وٺڻ لاءِ ارسا جي پنجاب سان تعلق رکندڙ ڊائريڪٽر آپريشنز جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا آبپاشي کاتي جا ڊائريڪٽر ريگيوليشن ميمبر طور شامل هوندا، گڊو بئراج سميت ملڪ جي سمورن بئراجن جي هيٺائين وهڪري جي ماپ ڪري جون مهيني جي وچ ۾ ٻيهر پاڻِي جي دستيابي جو جائزو وٺندا. اجلاس ۾ واپڊا جي نمائندي ٻڌايو ته 50 سيڪڙو برف گهٽ پئي آهي، جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، واپڊا جي نمائندي چيو ته پاڻي جي صورتحال جلد بهتر ٿيڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، سانوڻ جي برسات بابت اڳڪٿي جون جي مهيني ۾ ڪري سگهبي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي خريف ۾ کوٽ 15 سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي، کوٽ جو ڪاٿو 31 سيڪڙو لڳايو ويو هو، پر اها 31 سيڪڙو مان وڌي 42 سيڪڙو ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ سنگين پاڻي بحران جي پسمنظر ۾ سنينيٽ پاران جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي اجلاس 8 مئي 2108 تي اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين مولا بخش چانڊيو ڪئي.ڪميٽي جي اجلاس ۾ ارسا جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو. ان موقعي تي مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال سنگين ٿي وئي آهي، فصل ته ڪو نه پوکجي سگهيا آهن، پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي، جواب ۾ ارسا جي چيئرمين چيو سو هن ريت هو: صوبن کي ٽين ڊيلي مطابق گهر ج جو پاڻي فراهم ٿيندو آهي، صوبن کي ملندڙ پاڻي ڪنهن به ڪئنال ذريعي استعمال ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، واڌو پاڻي اچڻ جي صورت ۾ڪوبه صوبو اهو پاڻي استعمال ڪري سگهي ٿو، موجوده وقت ۾ ٽه رخي فارمولي تحت پاڻِ ورڇ ٿي رهي آهي، سال 1994ع ۾ وزارتي فيصلي جي بنياد تي ڪئي وئي، سال 1999ع ۽ 2000ع ۾ پاڻي کوٽ ٿي ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تنهن کانپوءِ سال 2003ع ۾ رهاست ٽه رخي فارمولي مطابق شروع ڪئي وئي، جيڪا جنوري 2018ع تائين هلي، چشما، جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنال اڃا وهي رهيا آهن.

مولا بخش چانڊئي ارسا جي ميمبر سنڌ سيد مظهر علي شاهه تي تنقيد ڪئي، جنهن تي هن چيو ته “1991ع” واري ٺاهه ۾ ڪٿي به ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جو ذڪر ناهي، خبر ناهي اهو ڪٿان آندو ويو، مون انهي تي اعتراض ڪيو هو پر منهنجي نه ٻڌي وئي، مان اڪيلو ۽ سڀ منهنجا مخالف هئا. انهن واضح طور تي چيو ته ٺاهه جي پيرا 2 تحت پاڻي ورڇ نٿا ڪري سگهون، ان سان پنجاب کي نقصان ٿيندو، مان 7 سالن کان ارسا ۾ پاڻي ورڇ تي اعتراض ڪندو رهيو آهيان پر ارسا ۾ ڪوئي به ٻڌي نٿو. پاڻي ورڇ واري معاملي ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ نه وڃڻ نااهلي آهي. خبر ناهي ته وقت تائين سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ ڇو نه وئي آهي، ارسا وارن اپريل مهيني ۾ چشما جهلم لنڪ وهائڻ شروع ڪيو. منگلا ڊيم ۾ 50 فوٽ موجود آهي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ اهو به گهٽجي ويندو. ان موقعي پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو ته پاڻي جي ايڏي کوٽ آهي، جو سنڌ ۾ پوکائي ته ٺهيو، پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻهو پريشان آهن، جنهن جي ڪري روزانه مظاهرا ٿي رهيا آهن، هن مطالبو ڪندي چيو ته چشما، جهلم، ۽ تونسا پنجند لنڪ بند ڪيا وڃن. جنهن تي ارسا جي ميمبر رائو ارشاد مڃيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ پاڻي جي کوٽ آهي، جو پنجاب ۾ جر جو مٺو پاڻي آهي، تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ چيئرمين 15 مئي تي ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پاڻي جي ورهاست وارو معاملو انگريزن جي دور کان هلندڙ آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهو وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ طاس معاهدي جي نتيجي ۾ ٽي اڀرندا درياهه هندستان ڏانهن هليا ويا، جن جي 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي پاڪستان ۾ اچڻ بند ٿي ويو، ٻيو الهندي درياهه تي به هندستان کي پن بجلي گهر ٺاهڻ جا حق ڏنا ويا.

پاڪستان ۾ چار ڪميٽيون ٺهيون ته ورهاست جو حل ڪڍيو وڃي پر ڪنهن به ڪميشن ۾ اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو۽ پڇاڙي ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف اهو ڪريڊت کنيو ته هن هڪ متفقه ٺاهه 1991ع ۾ ڪرايو. انهي تي عمل ڪرائڻ هن جي ذميواري هئي، ان کانپوءِ هو ٻه دفعا وزيراعظم رهيو، پر افسوس انهي ٺاهه تي عمل نه ڪرائي سگهيو.

پهرين مئي جي پهرين ڏهاڪي ۾ مٿان کان هليل پاڻي سنڌ پهچي ٿو. مئي جي ٻي ڏهاڪي ۾ جنهن وقت سنڌ جو حصو ٺاهه ۾ آهي 61 هزار 7 سئو ڪيوسڪ معنيٰ مئي جي پهرين ڏهاڪي ۾ مٿان کان هليل پاڻي سنڌ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ کوٽ ڪندو ۽ سنڌ ۾ کوٽ 45 سيڪڙو کان وڌي ويندي.عالمي بئنڪ چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جو فائدو به منگلا ڊيم ۽ تربيلا يم وانگر پنجاب کي ٿيندو، ڪالا باغ ڊيم جي ماحولياتي ۽ سماجي اثر کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ ڪي وڏا خطرا ناهن.

جيئن سنڌ ۾ شديد پاڻي جو بحران ٿيندو پيو وڃي تيئن احتجاجن جو سلسلو وڌندو پيو اچي، سنڌ حڪومت پاران مختلف شهرن ۾ وفاق پاران پاڻي جي ورڇ ۾ مبينا زيادتين خلاف ڌرڻا هنيا پيا وڃن، پ پ ڌرڻن ۾ اهو ڪيش ڪرائي رهي آهي ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ واروسلوڪ پيو ڪري.انهن ڌرڻن مان اليڪشن وقت ڪافي سوال جنم وٺن ٿا. ڇا اهي ڌرڻا پهرين ڇو نه هنيا ويا؟، ۽ هن اليڪشن وقت هڻڻ مان پ پ ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي،جيئين اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڌرڻا هڻي غريب عوام ۽ آبادگارن سان ڪوڙي همدردي ڏيکاري ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌي ماڻهن جي بدقسمتي اها آهي جو سنڌ ۾ ڪو پاڻي جو وزير ناهي، جيڪو صحيح طريقي سان ورڇ ڪري ته جيئن هر ماڻهو وقت سر پنهنجي پوکائي ڪري سگهي، هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو سسٽم پيو هلي، جنهن تي سنڌ حڪومت خاموش آهي.

نتيجو: پاڻي جي حوالي سان سنڌ جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن ۾ سرفهرست اهي آهن ته ڊيم اتفاق راءِ سان ٺهن، ڊيمن ۾ پاڻي ذخيري ڪرڻ جا اصول طئي ٿيڻ گهرجن، پاڻي ٺاهه تي عمل ٿئي، لنڪ ڪئنال حساب ڪتاب سان هلن، ڊيلٽا لاءِ گهربل ماڻهو رليف جو بندوست ڪرڻ کپي، قومي پاڻي پاليسي ۾ ڊيمن جو اتفاق راءِ سان ٺهڻ ۽ ڊيلٽا لاءِ مناسب پاڻي ڇڏن واريون ڳالهيون اچي ويون آهن، پر پاڻي ٺاهه تي عمل ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ جا اصول لنڪ ڪئنالن جو هلائڻ ڪچي جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ واريون ڳالهيون ان ۾ واضح ناهن، سنڌ حڪومت رڳو پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. پر اها ڳالهه به نه مڃي وئي. پاڪستان ۾ پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون، پر انهن تي عمل ورلي ڪيو ٿو وڃي. تنهن هوندي به پاڻي پاليسي ٺهڻ هڪ سٺو عمل آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن انهي ۾ جيڪڏهن اسان جي مفادن خلاف ڪا ڳالهه ڪئي وئي، ته اسان ان ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهون ٿا.