وچ اوڀر تي مجموعي طور نظر وجهبي ته جيڪي مسئلا ڪَر کنيو بيٺا آهن، انهن جون پاڙون هڪ صدي پوئتي کتل آهن. اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن دنيا جي تاريخ هڪ بدترين دور مان گذري رهي هئي ۽ انسان تباهي جا جديد هٿيار هڪٻئي خلاف استعمال ڪري رهيا هئا. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ انگريز سامراج وچ اوڀر کي ورهائڻ کان اڳ ڪيتريون ئي چالون کيڏيون، جنهن ۾ هو ڪامياب ويا ۽ سڄي عرب خطي کي ورهائي خاندانن جي نالي تي الڳ الڳ ملڪ جوڙي کين مطلق العنان حڪمران ويهاريا ويا. سعودي خاندان جو وجود هجي يا گڏيل عرب عمارتون، عرب تاريخي طور هڪ هجڻ جي باوجود ننڊين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويا. پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ جي وچ اوڀر جون سرحدون سامراج طاقتن طئي ڪيون ۽ اهڙي طرح سان سڄي خطي کي قومي بنيادن بدران ڪجهه قبيلن جي بنياد تي ورهائي ڇڏيو. اهو ئي بنياد هو، جيڪو اڳتي هلي مضبوط ٿيو.
وچ اوڀر ۾ جنگين ۽ تڪرار جو سبب سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ اڻسڌي ريت هڪٻئي خلاف ۽ پنهنجي غير رياستي عنصرن ذريعي جنگ آهي. اهو تڪرار شام، لبنان ۽ يمن ۾ وڌيڪ چٽو آهي. هڪ پاسي سعودي عرب يمن مٿان بمباري ڪري رهيو آهي ته ٻي پاسي هوثي باغي رياض مٿان ڪيترائي ميزائل حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. پر سعودي عرب پاران ڪيل حملن ۾ هزارين يمني مارجي ويا آهن. سڄو ملڪ کنڊرات ۾ تبديل ٿيل آهي. عرب بهار کانپوءِ جتي وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ۾ عوامي تحريڪون شروع ٿيون ۽ مصر سان گڏ شام وغيره ۾ مقبول ٿي ويون. پر جلد انهن کي علائقي ۾ هٿرادو جنگ توڙي پراڪسي جنگ ذريعي قبضو ڪندڙ حاوي ٿي ويا.
يمن عرب دنيا جو غريب ترين ملڪ آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان گهرو جنگ جو شڪار آهي. يمن خطي جي ٻن طاقتور ڌرين ۾ پيڙهجي رهيو آهي، سعودي عرب ته سڌي ريت ان جنگ جو حصو رهيو آهي، پر ايران هوثي باغين جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي. ان ڳالهه تي بحث ٿيندو رهيو آهي ته ڇا معاشي طور سوڙهو ڪيل ايران جهڙو ملڪ وچ اوڀر ۾ واقعي ئي سڀني ملڪن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن سعودي ولي عهد پنهنجي انٽرويو ۾ بار بار چوندو رهيو آهي يا اهو هٿرادو طور هٿي ڏنل خوف آهي. ايران تي اهي اڪثر الزام لڳندا رهيا آهن ته اهو هوثي باغين کي هٿيار فراهم ڪندو رهيو آهي پر انهن الزامن کي گڏيل قومن ۾ ثابت ناهي ڪيو ويو. پر ايران پاران سندن حمايت جي ڳالهيون ۽ رپورٽون اينديون رهيون آهن.
يمن ۾ جهيڙي جي شروعات 2011ع ۾ ٿي، جڏهن عرب بهار جي اثر هيٺ ان وقت يمن جي حڪمران علي عبدالله صالح عوام ۾ سخت احتجاجن کانپوءِ حڪومت پنهنجي ڊپٽي عبد ربوح منصور هادي کي ڏني. ابو هادي حڪومت ۾ ايندي ئي ڪيترين ئي نئين چئلينجز کي منهن ڏنو، جنهن ۾ انتهاپسند گروهن جهڙوڪ القاعده، فوج ۾ بغاوت جي عنصر، بدعنواني، خوارڪ کوٽ بيروزگاري شامل آهي.
يمن جي صورتحال تمام گهڻو ڪمزور هئڻ ڪري جنهن جو ڏهاڪن کان آزادي لاءِ وڙهندڙ هوثي باغين، جيڪي شيعا آبادي تي ٻڌل آهن، ملڪ اندر بغاوت ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ کين ايران جي مدد پڻ حاصل هئي. ابو هادي پاران حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ به بدعنواني کان ويندي بيروزگاري ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهنڪري ملڪ جي سني آبادي به شيعا هوثين جي حمايت ڪرڻ لڳي. ڪمزور حڪومت جو فائدو وٺندي هوثي باغين 2014ع ۽ 2015ع دوران يمن جي گادي واري هنڌ سنا تي قبضو ڪري ورتو. يمني صدر ڏکڻ جي پورٽ سٽي اَدن ڏانهن ڀڄي پناهه ورتي. گذريل ٽن سالن جي هوثي جيڪي ايران ڏانهن لاڙو رکن ٿا ۽ سعودي عرب جي حمايتين وچ ۾ جنگ سبب يمن مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. ان ٽن سالن دوران گڏيل قومون ٽي ڀيرا ملڪ ۾ مان ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ناڪام ٿيون آهن. صدر هادي جي حمايتي فوج ۽ هوثين وچ ۾ جهيڙو جاري آهي. ان گهرو جنگ جو فائدو وٺندي دهشتگردن تنظيمن پڻ يمن واري صورتحال مان فائدو وٺندي القاعده، داعش وغيره ڪجهه علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي. مختصر گڏيل قومن جي لفظن ۾ يمن واري صورتحال دنيا جي بدترين بحران آهي.
يمن جو اڳوڻو صدر عبدالله علي صالح گذريل سال ڊسمبر ۾ مارجي ويو هو، جنهن جي تصديق عبدالله علي صالح جي حمايتي پڻ ڪري چڪا آهن. سندس موت کانپوءِ ائين پئي لڳو ته شايد جنگ رڪجي وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه وقت لاءِ بند ٿئي ته ٻاهران ايندڙ امدادي سامان، دوائون ۽ کاڌ خوراڪ پهچي سگهي.هن وقت يمن جي آبادي 75 سيڪڙو خوراڪ کوٽ جو شڪار آهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن کان وڌيڪ جلد کان جلد امداد ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سامراجي ۽ پراڪسي جنگ جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ جا نالا کڻجن، ته شام ۽ افغانستان کان يمن اڳيان ايندو. ڇاڪاڻ ته يمن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي.هڪ ڳالهه واضح آهي ته ان جنگ جا اثر ٻين هنڌن تي به ظاهر ٿيندا.
ميديسن سانس فرونٽيئرس 18 مئي تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوارن سعودي ۽ سندس اتحادين يمن ۾ 16 هزار 749 هوائي حملا ڪيا آهن. رپورٽ موجب ٻه ڏهائي ٽي اهي فضائي حملا فوجي ڇاوڻين تي نه پر عام جڳهين تي ڪيا ويا. ان مان يمن جي گهڻي صورتحال واضح ٿي وڃي ٿي. گڏيل قومن ۾ اڪثر سعودي عرب اهو معاملو اٿاريندو آهي ته هوثي باغي ايران جي مدد سان مٿن ميزائل حملا ڪيا آهن، پر انهن حملن ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. سعودي ۽ سندس اتحادين ۾ عام ماڻهن، ٻارن جو قتل عام ڪيو آهي، ان سان گڏ هزارين معزور ٿي ويا آهن. ان جو صرف هڪڙو مثال 23 اپريل وارو واقعو پڻ آهي، جڏهن هڪ شادي تقريب مٿان سعودي بمباري سبب 20 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا هئا، جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي هئي، جڏهن ته45 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا.
سيو چلڊرين نالي اداري جو چوڻ آهي ته يمن جا چار لک شديد خوراڪ کوٽ جو شڪار آهن. انهن مان گهڻا شايد زنده به بچي نه سگهن.گذريل هڪ سال دوران ڏيڍ لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.جنهن مان گهڻو انگ خوراڪ جي اڻاٺ سبب فوت ٿيل ٻارن جو پڻ آهي. يمن پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪالرا کي پڻ منهن ڏئي رهيو آهي. صحت لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يمن ۾ ڪالرا کر روڪڻ لاءِ ترت قدم نه کنيا ويا ته گذريل پنجاهه سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪالرا ايڏو پکڙجي ويندي.
يمن ۾ جاري جنگ سبب پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ اسڪول، اسپتالون ۽ ٻيون عوامي خدمتن جا مرڪز تباهه ڪيا ويا آهن.هوائي حملن جي ڪري يمن ۾ اڪثر پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي. آڪسفيم جي يمن جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته يمن جو گهيراءُ نه روڪيو ويو ته اها تباهي اڃان هڪ نئين صورت اختيار ڪندي. ان سان صاف پاڻي جي فراهم نه ٿي سگهندي جنهن جو سڌو نتيجو وڌيڪ فوتگين جي شڪل ۾ ٿيندو. يمن جي پورٽ حديده جي گهيراءَ سبب اهو ٻاهران پيٽرول به نٿا گهرائي سگهن. يمن جي جي ٻاهران ايندڙ شين ۽ امدادي سامان جو 80 سيڪڙو دارومدار حديده پورٽ سان پڻ لاڳاپيل آهي.
ان جي باوجود ته جنگ دوران حديده پورٽ ڪمزور ٿي ويو آهي، پر ان جي باوجود يمن ۾ ايندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ شين جو گهڻو دارومدار ان پورٽ تي ئي هوندو آهي. ان وقت تائين مختلف ادارا يمنين جي مدد ڪندا رهيا آهن.پر جيڪڏهن حديده پورٽ جو گهيراءُ جاري رکيو ويو ته يمن جو عوام وڌيڪ مشڪل سان گذارو ڪري سگهندو. يمن ۾ گهرو جنگ واري صورتحال سبب وڏي انگ ۾ ٻين ملڪن ڏانهن پڻ لڏ پلاڻ ڪندا هئا. لڏ پلاڻ جو هڪ وڏو سبب وچ اوڀر ۾ جاري جنگين جي ڪري ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن.
انڪري عوام دوست ملڪن کي گڏيل قومن ۾ حديده پورٽ کليل رهڻ ۽ ان جي گهيراءُ ختم ڪرڻ جي گهر ڪرڻ گهرجي. ان سان يمن جي ٻاهرين دنيا سان رابطو بحال هوندو ۽ اتي جاري سماجي بحران ۾ سندن مدد ٿي سگهندي. يمني ٻار جيڪي شديد خوراڪ کوٽ جو شڪار آهن ۽ ڪالرا سبب موت جي منهن ۾ آهن، سندن اها وڏي مدد هوندي جيڪڏهن سندن رسد گاهه کي کولرايو ويو. دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ سماجي بحران کي منهن ڏيندڙ ملڪ يمن آهي، انڪري يمن جو دنيا سان ڳانڊاپو، اتي جاري سعودي ۽ سندس اتحادين جي بمباري کي روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سميت سندن کاڌ خوراڪ، صحت ۽ ٻين سماجي طريقن سان سندن مدد ڪري سگهجي ٿي.
سڄي دنيا هن وقت هڪ غير يقيني ۽ جنگ واري ماحول ۾ هلي رهي آهي. دنيا جي اڪثر خطن ۾ وڏن ملڪن وچ ۾ تقرار جاري آهن. جيئن پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، چين روس وغيره. انهن جنگين ۽ اڳرائي واري رويي ئي يمن جهڙو حالتون پيدا ڪيون آهن. انڪري يمن ۾ عالمي برادري کي امن، کاڌ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي ۽ گهرو ويڙهه کي روڪڻ لاءِ پرامن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين نٿو ٿي سگهي ٿو پوءِ گڏيل قومن، عالمي قانون ۽ تهذيب جي هجڻ جو ڪهڙو فائدو آهي، جڏهن مسئلا ڳالهين ذريعي حل نه ٿي سگهن ۽ معاشرا مڪمل طور جنگي جنون جي چڙهيل هجن.