مضمون

ڪراچي جا مسئلا ۽ انهن جو حل


سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب هجڻ سان گڏ مختلف قومن، طبقن ۽ ثقافتن جي فردن کي پنهنجي وسيع ايراضي ۾ آباد رکي ٿي . ڪيترن ئي ملڪن جي برابر آبادي رکندڙ شهر ”ڪراچي روشنين جو شهر“ جي نالي سان مشهور آهي. جتي ماضي ۾ 3 ڏهاڪن کان روشنين واري شهر ڪراچي کي فرقيواريت دهشتگردي ۽ سياسي نفرت”رت جو شهر“ بڻايو. پر ڪراچي آپريشن بعد شهر ۾ ٻيهر روشنيون بحال ٿي ويون آهن. امن امان جي صورتحال پهرين جي نسبت ۾ ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي جنهن جو اهم سبب ڪراچي آپريش آهي ۽ هاڻي دنيا ان کي محفوظ شهرن ۾ شمار ڪري ٿي. ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر هجڻ جي باوجود به ڪرپشن، انتظاميا جي نااهلي، ناانصافي، دهشتگردي، ڀتاخوري، فرقيواريت، ڪچين آبادين جو وڌڻ، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ، پاڻي بحران،پلاٽن تي قبضن سميت ٻين مسئلن ۾ گهيريل آهي. ڪراچي جي باري ۾ عام راءِ اها آهي ته کيس هميشه نظر انداز ڪري، گهٽ ترقي يافتا ۽ سندس انتظامي معاملن کي نظر اندار ڪيو ويو آهي.

قدرتي بندگارهه رکندڙ هن شهر جي معاشي اهميت جو اندازو لڳائيندي قابض برطانوي حڪمرانن ڪراچي کي سنڌ جي راڄڌاني بڻايو. جڏهن ته پاڪستان جي وجود بعد قائد اعظم محمد علي جناح ان شهر کي ملڪ جي راڄڌاني بڻايو. ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ميڊيا سينٽر پڻ آهي. بدترين حالتن ۾ آمدني جو 70 سيڪڙو ڏيڻ جي باوجود به ڪراچي جي ذميواري ڪنهن به ناهي کنئي. جنهن جو نظام 70 سالن کان ائين ئي هلايو پيو وڃي. وفاقي راڄڌاني کي ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو نقصان هو. هڪ سازش تحت ٻين شهرن مان آبادي جو اچڻ هن شهر جي نقشي کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي.پاڪستان جي آزادي بعد 10 لکن جي آبادي رکندڙ شهر جي هن وقت آبادي 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وڃي ٿي. ڪراچي ۾ حڪومت جي ناڪامين ڪري ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي ٺهي جنهن 3 ڏهاڪن ۾ جيڪو حشر ڪراچي سان ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ماضي ۾ هتان جي عوام زندگي ڏکيائن ۽ اذيتن واري گذاري آهي.

ڪراچي ۾ ڪراچي آپريشن بعد امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي وئي آهي . پر ننڍي پئماني تي اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر ۽ تشدد جي واقعن جون خبرون عام آهن. ڏهاڪن کان ڪراچي ۾ نفرت، تشدد ۽ دهشتگردي واري سياست جو خاتمو ڪراچي آپريشن ذريعي ختم ٿيو آهي. پر مستقل امن برقرار رکڻ لاءِ بهتر حڪمراني جي ضرورت آهي.

ڪرپشن هجڻ ڪري ڪراچي جي وڏن منصوبن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 10 کان 40 سال لڳي وڃن ٿا ، مثالطور ڪراچي ماس ٽرانزٽ ، ڪراچي سرڪلر ريلوي ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ان جي نتيجي ۾ حل ئي مسئلو بڻجي وڃي ٿو. ڪراچي شهر وڏو شهر هجڻ جي باوجود به ان لاءِ ڪو به شهري ماسٽر پلان ناهي جوڙيو ويو . هڪ اندازي موجب ڪراچي ۾ 7 هزاز کان وڌيڪ ڪچيون آباديون آهن . جيڪي منصوبابندي جي بغير آباد آهن. ماهرن جو اندازو آهي ته ايندڙ 15 سالن ۾ ڪراچي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويندو. جيڪڏهن اها ئي روش برقرار رهي ته پوءِ ان جو ڪهڙو حال يا انجام ٿيندو اهو تصور به وڌيڪ خوفناڪ آهي.

ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به بنيادي مسئلو آهي. ڪراچي کي ڪينجهر ڍنڍ ۽ داٻيجي پمپنگ اسٽيشن ذريعي 550 ايم جي ڊي پاڻي روزانو ڏنو ويندو آهي. ڪراچي واٽر سيوريج بورڊ جو چوڻ آهي ته 550 ايم جي ڊي پاڻي مان 42 سيڪڙو يا 235 ايم جي ڊي پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي يا ضايع ٿي ويندو آهي. گڏيل قومن جي اسٽينڊرڊ تحت ڪراچي کي 1100 ايم جي ڊي پاڻي روزانو گهرجي. اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ اداري جو چوڻ آهي ته اورنگي ، گڏاپ، بلديا ٽائون سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو وڃي ٿو. صحت جي عالمي اداري موجب هر فرد لاءِ روزانو 50 کان 100 ليٽر پاڻي ضروري آهي پر ڪراچي جي ارورنگي سميت ٻين علائقن ۾ روزانو في فرد کي 67.7 ليٽر پاڻي ملي ٿو.

ڪراچي ۾ واٽر ٽئنڪر مافيا به شهر جي عوام کي لٽي رهي آهي. هڪ اندازي موجب ڪراچي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ واٽر ٽئنڪر پاڻي سپلائي ڪري رهيا آهن جيڪي روزانو 50 هزار ٽرپ لڳائن ٿا. اهي هڪ ٽرپ تي 3 هزار يا ان کان وڌيڪ رقم وٺن ٿا.

ڪراچي ٽرئفڪ جي لڳاتار وڌنڌڙ مسئلن ۾ اهڙي طرح شڪار آهي جو روڊن جي ويڪر، فلائي اوورز جي تعمير ۽ ٽرئفڪ قانون ۾ تبديليون به ان اضافي کي ناهن روڪي سگهيون. ڪراچي ۾ هرهنڌ ڪچري جا ڍير پڻ هڪ مسئلو آهي. هڪ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ روزانو 12 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. جنهن م صرف 8 هزار ٽن ڪچرو کنيو ويندو آهي جڏهن ته 4 هزاز ٽن ڪچرو رستن تي پيو هوندو آهي. جنهن جي ڪري شهر جي هر هنڌ ڪچرو نظر اچي ٿو.

ڪراچي ۾ عوام کي هڪ بهتر پبلڪ ٽرانسپورٽ به دستياب ناهي. شهر ۾ جيڪي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ گاڏيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون اهي خطرناڪ ثابت ٿينديون آهن. ڪراچي ۾ سرڪاري تعليمي ادارا، اسپتالون، نادرا ۽ پاسپورٽ جهڙا ادارا انتهائي بدنظم آهن جيڪي رڳو عوام کي ذليل ڪندا رهندا آهن. انهن ادارن ۾ شفاف ڀرتين بدران مفاد تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن. جن ادارن کي عوام دوست بجاءَ عوام کي ذليل ڪرڻ جا ادارا بڻائي ڇڏيو آهي. جنرل ضياء ۽ پرويز مشرف ڪراچي ۾ مهاجرن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو جن ٽن ڏهاڪن کان شهر ۾ خوف جي فضا کي قائم رکيو ۽ شهر کي محفوظ شهر مان هڪ خطرناڪ شهرن ۾ شمار ڪرايو. جتي رواداري ۽ محبت بدران فرقيواريت ۽ نسلي نفرت جڳهه ولاري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي مسئلن جو حل سياسي ۽ نسلي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪڍڻو پوندو. تعليم، صحت سميت ٻين ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ڪراچي جي ڪچين آبادين توڙي شهري آبادين لاءِ ماحولياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي جديد بنياد تي ماسٽر پلان جوڙي شهر جو انتظام بهتر نموني هلايو وڃي.شهر ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ سان گڏ ادب ،فن ،تفريح ۽ ثقافتي سرگرمين جا پروگرام ڪري عوام کي نفرت واري ماحول کان نجات ڏياري سگهجي ٿي. ڪراچي جي مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ سان اهي مسئلا ويتر وڌي ويندا. سياسي جماعتون ڪراچي تي حڪمراني جا خواب ته ڏسن ٿيون پر اهي ذميواريون نڀائڻ بدران هڪٻئي تي الزام لڳائي پاڻ کي آزاد سمجهن ٿيون.

ڪراچي سنڌ آهي ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ خاص ذهنيت واري ناڪاري ۽ تڪراري سوچ جو خاتمو به ضروري آهي. ڪراچي شهر ۾ سالن کان نفرت جي سياست، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جي نتيجي ۾ هزارين بي گناهه ماڻهو مارجي چڪا آهن. ان لاءِ سياسي قيادتن کي ڪراچي ۾مستقل امن بحال رکڻ لاءِ تعصب جي سوچ مان نڪري مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.