مضمون

ايڪويهين صديءَ جو جديد دور ۽ پناهگيرن جو وڌندڙ مسئلو


رحمت علي

21هين صدي دنيا جي ترقي وارو دور چيو وڃي ٿو، اڄ جيڪا ٽيڪنالوجي آئي آهي، تنهن ڄڻ ته انسان جي زندگي گهارڻ واري ڍنگ کي بنهه سولو بڻائي ڇڏيو آهي. سوين ۽ هزاري ڪلوميٽرن جو مفاصلو ڪجهه منٽن ۽ ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو، گهر ويٺي ماڻهو سڄي دنيا جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾اچي ٿو، ڪيترين ئي موتماربيمارين جو ڪامياب علاج ٿئي ٿو. هر آئي ڏينهن نئي ايجاد ٿئي ٿي، جنهن مان انسان فيضياب ٿئي ٿو. هن دور ۾ ائين لڳي پيو ته ناممڪن شيون (جيڪي ماضيءَ ۾ اڻ ٿيڻيون تصور ڪيو ويندو هو) ممڪن ٿيڻ وڃن پيون. يعني هر مسئلي جو ٽوڙ ڳوليو پيو وڃي. ايتريون سهولتن هجڻ ڪري انسان سهل پسند ٿيند پيو وڃي، شاپنگ سينٽر مان ڪهڙي به شيءِ گهرائڻي آهي ته گهرويٺي آرڊر ذريعي آڻائي سگهي ٿو، ايتري تائين پرڏيهه مان به گهر ويٺي خريداري ڪري سگهجي ٿي. چوڻ جو مطلب ته هن دور ۾ انسان وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگي جيئي رهيو آهي.

دراصل مٿئين پئراگراف ۾ ڪيل ڳالهيون ماڻهن جي گهڻائي جي گڏيل سوچ آهي، جيڪا مٿين ڳالهين سان متفق آهي. زميني حقيقتن تي ڌيان ڏجي ته اهي مٿيون هڙئي سهولتون ڪهڙي طبقي جي ماڻهن کي ميسر آهن؟ هن جديد دور ۾ ڪير سُکيا آهن؟ ڇا اهي سهولتون دنيا جي هر ماڻهو کي ملي سگهن ٿيون؟ ڇا ان کي ترقي وارو دور چئبو، جيڪا ترقي ڪجهه سگهارن ملڪن ۽ خاص طبقي لاءِ هجي؟ اهڙن سوالن تي سوچڻ سان جواب ملندو، هر آئي ڏينهن ماڻهن لاءِ ڏکيايون وڌنديون پيون وڃن، غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ امير هر آئي ڏينهن شاهوڪار ٿئي پيو. دنيا جي آبادي جي گهڻائي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، يعني بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهي. ايتري تائين جو ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. جيڪڏهن سرمائيدارن جو وس هلي ته سج جي اُس ۽ هوا کي به پنهنجي ضابطي ۾ رکي وڪڻن. يعني سرمايي لاءِ ڊوڙ لڳي پئي آهي، جنهن ۾ هر ڪو حصو وٺڻ چاهي ٿو. حالت اها وڃي بيٺي آهي جو هڪ سئو سيڪڙو آبادي جي ڪُل دولت مان اڌ حصي جا مالڪ رڳو ڇهه ماڻهو آهن. اها ڳالهه آئون پنهنجي پاران نه پر معاشيات تي ڪم ڪندڙ اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ جي آڌار چوان پيو.

جڏهن حقيقت جي ٻي پاسي کي ڏسو ٿا ته هن وقت دنيا انيڪ مسئلن جي ورچڙهيل آهي. جنهن سبب ڀوڳڻو رڳو هيٺئين طبقي جي عوام کي پوي ٿو. اڄ هتي رڳو پناهگيرن واري مسئلي تي ڳالهه رکنداسين ته اچرج ۾ پئجي وينداسين. انساني حقن تي ڪم ڪندڙ اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هر سيڪنڊ ۾ دنيا مان ٻه ماڻهو بي گهر ٿين ٿا! هاڻي اندازو هڻو ته اهو مسئلو ڪيڏو نه ڳنڀير آهي! پهرين اچون ٿا پناهگيرن بابت جاري ڪيل رپورٽ تي، بعد ۾ ان جي سببن کي به وائکو ڪيون ٿا.

انساني حقن تي ڪم ڪندڙ اداري (UNCHR) سال 2017 جي پڇاڙيءَ ۾ جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڪُل 7 ڪروڙ ماڻهو بي گهر بڻيل آهن. پناهگيرن جي انگ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سال 2016 جي ڀيٽ ۾ 3 ڪروڙ وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب اڍائي ڪروڙ پناهگير پرڏيهه يعني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن. 4 ڪروڙ پنهنجي ڏيهه يعني ملڪ جي اندورني طور بي گهر بڻيل آهن ۽ ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو سياسي پناهه جا ڳولائو آهن.

روهنگيا يعني برمي مسلمانن جو مسئلو ڪافي ڳنڀير هو. ڪجهه وقت اڳ برمي پناهگيرن واري مسئلي تي دنيا جي ميڊيا اٿلي پئي هئي، ۽ سندن ابتر حالتن بابت ٻڌايو پئي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته برمي پناهگيرن جو مسئلو دنيا جي ٻين ملڪن جي پناهگيرن کان به وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندڙ سنجيده مسئلو آهي. رپورٽ موجب 6 لک 71 هزار برمي بي گهر ٿي بنگلاديش ويا. صورتحال اها آهي جو بنگلاديش ۾ به کين تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻي پاسي شام اهو ملڪ آهي، مختلف بحرانن جو شڪار آهي. سال 2016 جي پڇاڙي کان ملڪي خراب حالتن سبب يا زبردستي بي گهر ڪيل شامين جو انگ هڪ ڪروڙ 20 لک آهي. چيو پيو وڃي ته دنيا ۾ زبردستي بي گهر ڪيل ماڻهن جي حساب سان شام سڀني کان اڳيان آهي. ٽيون ملڪ يمن آهي، جنهن جا 20 لک ماڻهو بي گهر بڻيل آهن، اهي به بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. يمن جي 2 ڪروڙ ماڻهن کي بنيادي ضرورتن لاءِ مدد جي سخت ضرورت آهي. انهن ملڪن کانسواءِ بحرانن جي ورچڙهيل عراق ملڪ آهي، جنهن جا لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ ماڻهو بي گهر بڻيل آهن.

ڏکڻ سوڊان به پناهگيرن واري مسئلي جو تمام گهڻو متاثر ملڪ آهي. سال 2013ع جي ڊسمبر مهيني کان مختلف مسئلن سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پناهگير آهن. جيڪي ترڪي، جارڊن ۽ جرمني ڏانهن وڃي رهيا آهن. سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. لڳ ڀڳ 10 لک عورتون، مرد ۽ ٻارڙا بي گهر بڻيل آهن. ٻي پاسي سينٽرل آمريڪا جا به تقريبن 10 لک ماڻهو پناهگير آهن، جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي يونان، اٽلي ۽ اسپين رستي يورپ ڏانهن ويا آهن.

ترڪي اهو ملڪ آهي جيڪو دنيا جي وڌ ۾ وڌ پناهگيرن کي جاءِ ڏني آهي. پاڪستان ۾ به وڏي انگ ۾ پناهگير ترسيل آهن. افغان جنگ بعد آيل ٽولا جن جي وڏي دل ڀليڪار ڪئي وئي، ان کانپوءِ ملڪ اندر اندروني پناهگيرن وارو مسئلو پڻ سنجيده قسم جو رهيو آهي. سنڌ صوبو ان معاملي تي سراپا احتجاج آهي. ان معاملي تي ڪنهن ٻي ڀيري بحث ڪبو، ڇاڪاڻ ته ان پاڪستان اندر پناهگيرن واري مسئلي کي هڪ يا ٻن پئراگرافن ۾ ماپائڻ سان ڳالهه سمجهي نه سگهبي.

ٻي پاسي يورپ به پناهگيرن کي پناهه ڏئي پيو، پر تازو ئي پناهگيرن جي مسئلي سبب جرمني جي حڪومت خطري ۾ پئجي وئي هئي، حڪمران ۽ مخالف ڌر ۾ پناهگيرن جي پاليسيءَ تي اختلاف چوٽ چڙهي ويا هئا، جنهن مان لڳو پئي ته حڪمران ڌر لوڏن ۾ آهي، پر يورپ جي ٻين ملڪن سان گڏجي ڪري معاهدو ڪيو ويو آهي ۽ پناهگيرن لاءِ نئين پاليسي جوڙي آهي، جنهن موجب پناهگيرن کي سرحدن جي ڀر ۾ ڪيمپن ۾ ئي ترسايو ويندو ۽ سندن رجسٽريشن جو اهڙو مرحلو رکيو ويو آهي، جو ان بابت ٻڌايو پيو وڃي ته پناهگيرن اڃا وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿيندا. يعني سندن مسئلا ويتر وڌندا پيا وڃن. پناهگيرن واري معاملي تي ترڪي يورپ کي ڌمڪي ڏني. جنهن بعد يورپ ڪنهن حد تائين سمجهوتو ڪري هڪ گڏيل ٺاهه ڪري ورتو آهي. پر حقيقت ۾ اهو ڪو جوڳو حل نه آهي. ٻي پاسي دنيا جي لٺ سردار ملڪ آمريڪا به پناهگيرن لاءِ سخت پاليسي رکڻ سان گڏوگڏ سخت موقف به رکي ٿو.

هاڻي اچون ٿا سببن تي. ته ڇو ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر بڻجي رهيا آهن. ان جو ڪو هڪ سبب ناهي، انهن منجهان سياسي سبب آهي ته معاشي پڻ آهي. ان سان گڏوگڏ اهم سبب ثقافتي به آهي. ٻي پاسي ملڪي خراب ٿيندڙ ملڪي حالتون، تشدد، تڪرار ۽ انساني حقن جي لتاڙ پڻ مکيه سبب آهن. جيستائين ان ملڪ جون پاليسيون ۽ حالتون ٺيڪ نه ٿيون ٿين تيستائين ته ڪو پناهگيرن جي مسئلي جو حل ممڪن ناهي. مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ اهو خدشو آهي ته پناهگيرن جو مسئلو ويتر شدت اختيار ڪندو